سيد الله ڏنو شاهه

سيد الله ڏنو شاهه: الله ڏنو شاهه'>سيد الله ڏنو شاهه ولد سيد حيات علي شاهه 24 ربيع الاول 1281هه/ 27 آگسٽ 1863ع تي سکر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم سکر مان حاصل ڪئي، پاڻ عربي، فارسي ۽ اردو ٻولين جو به وڏو ڄاڻو هو، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين ۽ ملازمت جو سمورو عرصو نهايت ايمانداري، محنت ۽ جفاڪشيءَ سان پورو ڪيائين، سون جي تعداد ۾ شاگردن کي تعليم ڏنائين، نهايت ئي خوش خلق ۽ خوش پوشاڪ شخص هو.
سيدالله ڏنو شاهه ملازمت جي مشغوليءَ سان گڏ ڪتابن جو مطالعو پڻ ڪندو هو ۽ هڪ ذاتي لائبرري به قائم ڪيائين، جنهن ۾ ڇپيل ڪتابن سان گهڏ ناياب قلمي نسخا پڻ محفوظ هئا. تصنيف ۽ تاليف جو به ڪم ڪيائين. سندس تصنيف ٿيل ڪتابن مان: (1) سنڌ جي تاريخ،
(2) عليعه ابن ابي طالبعه جي سوانح حيات، (3) شجره موسوي سادات،
(4) شجره ڪلان، (5) اولاد سيد عبدالباقي پوراني- ڇپيل آهن.


لفظ سيد الله ڏنو شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1863.08.17  عيسوي

سيد الله ڏنو شاهه ولد سيد حيات علي شاهه 24 ربيع الاول 1281هه/ 27 آگسٽ 1863ع تي سکر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد خان جروار
رفيق مغل ڊاڪٽر
سيد ابراهيم بخاري
مظفر علي شجراع حاجي
پاراشر
بدر ڌامراهو ڊاڪٽر
پريمچند ڪيولرام شهاڻي
خان خانان مرزا عبدالرحيم
آصف پھوڙ گامون
احمد خان هيسباڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون